سڄڻ قبولائي

سڄڻ قبولائي

سڄڻ قبولائي

سڄڻ قبولائي: سنڌ جو ناميارو شاعر سڄڻ قبولائي ولد الله ڏنو سرگاڻي، 25 سيپٽمبر 1934ع تي ڳوٺ ڪوٽ قبولي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، سنڌي فائنل پاس ڪري پرائمري استاد ٿيو، 1950ع کانپوءِ شعر و شاعري شروع ڪيائين. شاعريءَ جي اصلاح ناليواري شاعر دادن فقير ۽ جانڻ چن کان ورتائين. مخدوم محمد زمان طالب المولى ’ياد رفتگان‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سڄڻ قبولائيءَ شعر جي اصلاح مرحوم دادن فقير ۽ مرحوم جانڻ ڪوٽائيءَ کان ورتي، سندس ڪلام هر صنف ۾ تمام سٺي اهميت رکي ٿو، خصوصاً نعت ۽ شان اهلبيت ۾ عقيدتمندانه طويل مسدس لکيائين.“
سڄڻ قبولائيءَ، 4 آڪٽوبر 1990ع تي وفات ڪئي، سندس هڪ فرزند ’خاور‘ قبولائي پڻ ادبي دنيا ۾ پاڻ مڃائي چڪو آهي، سٺو شاعر ۽ لاڙڪاڻي جو ريڊيو ڪمپيئر آهي.


لفظ سڄڻ قبولائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.09.25  عيسوي

سنڌ جو ناميارو شاعر سڄڻ قبولائي ولد الله ڏنو سرگاڻي، 25 سيپٽمبر 1934ع تي ڳوٺ ڪوٽ قبولي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو،


1990.10.04  عيسوي

سڄڻ قبولائيءَ، 4 آڪٽوبر 1990ع تي وفات ڪئي،



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضوي محمد زمان شاهه
بهادر فقير لغاري
بلاول پرديسي
صابر علي مير ٺٽوي
احمد فراز
ڀڳواناڻي سترامداس ڪيولرام
ڀوَپوُتي
رضوان گل
صاحب راءِ آزاد
شاهين سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون